روح رهاڻ 3

روح رهاڻ 3 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب حاجي اميد علي خان لغاريءَ جو تصنيف ٿيل آهي، جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي سماجي حالتن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. ڪتاب ۾ مصنف پاران طويل مقدمو لکيل آهي، جنهن ۾ هندن ۽ مسلمانن جي سماجي ڳانڍاپي ۽ انهن ۾ موجود، ذات نسل ۽ مذهب جي فرق سبب پيدا ٿيل حالتن کي بحث هيٺ آندو آهي.
ڪتاب ۾ مير علي بخش ٽالپر جو مصنف ڏانهن لکيل طويل خط به شامل آهي. ڊيمي سائيز ۾ 122 صفحن تي مشتمل ڪچي جلد سان هيءُ ڪتاب ڊسمبر 1963ع ۾ ڇپيل آهي، جنهن جي قيمت 2 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو